عبدالله عرف ميان موريو

عبدالله عرف ميان موريو: هيءُ ڪلهوڙن جي دور جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق ٺٽي ننگر سان هو. سندس اصل نالو عبدالله واعظ هو، پر هي ميان موريو جي نالي سان مشهور هو. تقويٰ ۽ توفيق جو صاحب، صالح ۽ پرهيزگار هو. هن جي وعظ کان عام توڙي خاص ماڻهو فيض پرائيندا هئا. سندس نصيحت ۾ نهايت اثر هوندو هو. ميان موريو جڏهن فوت ٿيو ته سندس جنازي نماز ۾ تمام گهڻن ماڻهن شرڪت ڪئي. هن جي وفات 1167هه/ 1753ع ۾ ٿي (مقالات الشعراء، ص 396). مير علي شير قانع جي لکت آهي ته هي عبدالله، ميان ابوالحسن جو ڀاڻيجو هو، جو خود به وڏو پرهيزگار ۽ صالح شخص ٿي گذريو آهي (تحفة الڪرام، سنڌي، 559- 560).


هن صفحي کي شيئر ڪريو